- Advertisement -
نئون ديرو ويجهو پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
پنجو ديرو واسي نوجوان رضوان پسٽل جا فائر ڪري پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو.
وارثن زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو.
نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته گولي جو آواز اچڻ تي ڪمري ۾ وياسين ته رضوان زخمي حالت ۾ فرش تي پيو هو.
هن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ رضوان، امڙ کي چيو ته مامي جي گهر مان سندس شادي ڪرايو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
