سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ صوبي ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ صوبي ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. سنڌ ڪابينا  جي ايس اڪيڊمي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير پاران چيف سيڪريٽري کي هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هاري ڪارڊ رڳو هارين کي جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ، ڪڻڪ جي خريداري ۾ هاري ڪارڊ وارن کي ترجيح ڏني ويندي، قدرتي آفت جي صورت ۾ ڪارڊ ذريعي هارين جي مدد ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته هو زراعت جي سائنٽيفڪ بنيادن تي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ جنوري کان جون تائين پيپلز بس سروس لاءِ 521 ملين رپين جي خرچ جي منظوري پڻ ڏني وئي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آڪٽوبر 2021ع ۾ پيپلز بس سروس پروجيڪٽ شروع ڪيو هو. هن چيو ته هن وقت 230 بسون هلي رهيون آهن جڏهن ته 40 وڌيڪ بسون خريد ڪيون وينديون. ٽرانسپورٽ واري وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت اپريل 2023ع کان فيبروري 2024ع تائين 968 ملين رپين جي سبسڊي ڏني آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
48%
2m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون