تازه ترين

نئون ديرو: ڀٽا- کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ

- Advertisement -
نئين ديري ۾12 سال کان 32 سو ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ ڀٽا ۽ کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو، 24 خونن ۽ 12 زخمين جو مجموعي طور تي 7 ڪروڙ 70 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زمين جو فيصلو نه ٿي سگهيو. ميرپور ڀٽو، ڏهيسر هائوس ۾ امير بخش ڀٽو ۽ اسد کهڙي جي سرپئنچي ۾ نبيرو ڪيو ويو. ڀٽا ڌر مٿان 14 خونن جو 3 ڪروڙ 50 لک، چئن زخمين جو 40 لک مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 90 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. کهڙن تي 10 خونن جو 2 ڪروڙ 50 لک، 8 زخمين جو 80 لک ۽ سينيئر سياستدان مرحوم سردار ممتاز ڀٽو مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ڪرائڻ جو 50 لک سميت مجموعي طور 3 ڪروڙ 80 لک ڏنڊ وڌو ويو. تڪرار ۾ قتل ٿيل بيگ کوکر، علي خان خروس ۽ عظيم ڪڙيو جي خونن نبيرو نه ٿيو. فتويٰ بعد ڌرين هڪٻئي کي 5 – 5 لک موقعي تي ادا ڪيا، بقايا رقم چئن مهينن ۾ ٻن قسطن ۾ هڪٻئي کي ادا ڪنديون. جهيڙي جو مک ڪارڻ 32 سو ايڪڙ ڪچي جي زرعي زمين جو فيصلو ڌرين جا سردار پاڻ ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد حل ڪندا فيصلي بعد ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون