ڳوٺ سانول جروار ۾ شهيد پوليس اهلڪار وسيم جروار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو محمد عمران، ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي، نئون ديرو، ڪيٽي ممتاز ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، نئون ديرو ميونسپل چيئرمين عبدالخالق ڀٽو، وائيس چيئرمين محمد انور ٻرڙو، درگاهه مشوري شريف جو گادي نشين منظور احمد مشوري ۽ پوليس اهلڪارن سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ جروار برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار جو مڙهه اباڻي ڳوٺ سانول جروار جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
شهيد پوليس اهلڪار جو تڏو ڳوٺ سانول جروار ۾ وڇايو ويو آهي، جتي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي.