تازه ترين

نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن،جاويد لطيف

وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن، مسلم ليگ نون هڪ ڏينهن به عام چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خواهشمند ناهي، چونڊون وقت تي نه ٿيڻ سان ملڪي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مقرر وقت تي عام چونڊون ئي ملڪي مفاد ۾ آهن، عالمي طاقتن کي پاڪستان جي ترقي پسند ناهي، قوم کي ايندڙ عام چونڊن ۾ نواز شريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته مسلم ليگ نون سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، 2013ع کان 2018ع تائين ن ليگ معيشيت کي مضبوط ڪيو.

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، عالمي طاقتن کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام پسند ناهي.

وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته توشاخانه ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين هٿ ڇو نه وڌو ويو؟، آئين ۽ قانون تحت ملڪ کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.

هن چيو ته نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن، مسلم ليگ نون هڪ ڏينهن به عام چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خواهشمند ناهي.

وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته چونڊون وقت تي نه ٿيڻ سان ملڪي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مقرر وقت تي عام چونڊون ئي ملڪي مفاد ۾ آهن، قوم کي ايندڙ عام چونڊن ۾ نواز شريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون