اليڪشن ڪميشن 23 پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي تلوار جو نشان ڏنو ويو ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي ”شاهين“ جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي جهرڪي چونڊ نشان تجويز ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي صدارت هيٺ 4 رڪني ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي کي تلوار جو نشان ڏئي ڇڏيو جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي شاهين جو نشان الاٽ ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي کي جهرڪي جو چونڊ نشان تجويز ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي چونڊ نشان جي درخواست تي فيصلو روڪي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي شاهين جو نشان گهريو جيڪو اڳ ئي آل پاڪستان مسلم ليگ وٽ آهي.
اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي کي شاهين جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن اڃا دير جو شڪار آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪري.
اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي ڪتاب، پيپلز مسلم ليگ کي ڪوپ، رابطا جمعيت اسلام کي مـُنڊِي، ڪسان اتحاد کي بالٽي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي چنڊ ۽ پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي جو نشان الاٽ ڪيو.
پاڪستان تحريڪ انسانيت کي چاقو، پاڪستان امن تحريڪ کي ميزائل، تحريڪ تحفظ پاڪستان کي پستول، پاڪستان پيپلز پارٽي ڀٽو شهيد کي وڪٽري، پاڪستان فلاحي تحريڪ کي واسڪٽ، جي يو آءِ نظرياتي کي تختي، جديد عوامي پارٽي کي هيلمٽ ۽ تحريڪ عوامي پاڪستان کي ٽيليفون جو نشان الاٽ ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن آل پاڪستان مسلم ليگ جي شاهين جي نشاني کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو جنهن تي پارٽي 40 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.