تازه ترين

نئين ديري ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت

نئين ديري ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو.

پنجوديرو ۾ رشيده زال محمد خان ابڙو مبينا گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي.

واقعي جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

رشيده ابڙو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته عورت پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي.

مقتول عورت جي ڏير شفيق ابڙو ٻڌايو ته هو ڀاءُ کان ٿورو پري رهندا آهن، ڀاءُ فون ڪري ٻڌايو ته رشيده پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، هو اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

هن چيو ته ڀاڄائيءَ کي تڪليف هوندي هئي جنهنڪري پريشان به رهندي هئي خبر ناهي ته اهڙو انتهائي قدم هن ڇو کنيو آهي.

پوليس موجب، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعو آپگهات آهي يا قتل پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد خبر پئجي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون