تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

نئين مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ پيش ٿي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان

نئين مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ پيش ٿي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي جڏهن ته  ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 12 هزار 970 ارب رپيه مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

نئين مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ پيش اڄ پيش ڪئي ويندي.

نئين بجيٽ جو ڪاٿو 18 هزار 900 ارب رپين جي لڳ ڀڳ رکڻ جي تجويز آهي جڏهن ته بچاءَ واري شعبي لاءِ 21 سئو ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.

ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مالي خسارو 9 هزار 800 ارب، قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 9 هزار 700 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف جي مطالبي تي نئين بجيٽ ۾ اضافي ٽيڪسن جو خدشو آهي جڏهن ته ٻاهران گهرايل پراڻيون ڪارون، موبائيل فون ۽ سگريٽ مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻاهران گهرايل کاڌو، ٻارن جو کير، دوائون ۽ اسٽيشنري به مهانگي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سان هزارين شيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي.

زرعي اوزار، ٽريڪٽر، ڀاڻ ۽ ٻج مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته جي ايس ٽي جي شرح کي 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ سان 100 بلين اضافي آمدني جو امڪان آهي.

پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح 60 رپين مان 80 رپيا في لٽر ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.

ننڍن سرڪاري ملازمن کي وڌيڪ رليف ملڻ جو امڪان آهي جڏهن ته بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن جو انگ ۽ وظيفو وڌائڻ جي تجويز آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون