تازه ترين

يهودي فورسز جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 فلسطيني شهيد۽ 120 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
يهودي فورسز جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطينين کي شهيد ۽ ۽ 120 کان وڌيڪ مانهن کي زخمي ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، رهائشي عمارت تي حملي ۾ 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ۽ خان يونس تي حملن ۾ 5 فلسطينين شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 37 هزار 200 ٿي ويو ۽ 84 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني صدر غزه لاءِ فوري امداد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته امداد فلسطينين جي زخمن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪري سگھي ٿي. محمود عباس اردن ۾ هنگامي امدادي ڪانفرن کي خطاب ڪندي چيو ته بي گهر ماڻهن لاءِ پاڻي، بجلي ۽خوراڪ جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزه ۾ فلسطيني فاقا ڪشي برداشت ڪري رهيا آهن، عالمي برادري زميني گذرگاهن کي کولڻ لاءِ دٻاءُ وجهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
46 %
3.6kmh
41 %
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون