- Advertisement -
نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته صدارتي اليڪشن کانپوءِ 70 کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي پر اڃا تائين روسي صدر سان رابطو ناهي ٿيو، ان سان ڳالهائڻ جو ارادو آهي.
بعد ۾ روسي صدر ولاديمر پيوٽن نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون.
روسي صدر جو چوڻ هو ته روس آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي لاءِ تيار آهي، بال آمريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي، ٽرمپ طرفان روس سان لاڳاپن جي بحالي جي خواهش تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
صدر پيوٽن جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته آمريڪا سمجهي ويندو ته روس تي پابنديون لڳائڻ جي ضرورت ناهي ۽ سندن سرحدن تي تڪرارن لاءِ ڀڙڪائڻ جو به فائدو ناهي.- Advertisement -
