- Advertisement -
صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس جي شڪست کانپوءِ آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته جمهوريت ۾ عوامي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو آهي، 20 جنوري تي اقتدار جي منتقلي پرامن طريقي سان ڪندا.
وائيٽ هائوس ۾ مختصر خطاب ۾ ڪملا هيرس جي شڪست کي تسليم ڪندي صدر جوبائيدن چيو ته ڪملا هيرس بهتري مهم هلائي، آمريڪا جو چونڊ نظام شفاف ترين آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۾ هميشه عوام جي راءِ هلندي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ کي فون تي مبارڪ ڏني آهي ۽ خاطري ڪرائي آهي ته انتظاميا ان جي ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي.
جوبائيڊن جو چوڻ هو ته هنن تاريخي صدارت ڪئي، مضبوط معيشت ڇڏي وڃي رهيا آهن، سندن قانون سازي سان امريڪي عوام کي ايندڙ ڏهن سالن ۾ فائدو ملڻ شروع ٿيندو.
آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان اڳ وڌيڪ قانون سازي جو اشارو ڏيندي چيو ته هنن وٽ 74 ڏينهن اڃا رهيل آهن ۽ هر ڏينهن اهميت رکي ٿو.- Advertisement -
