تازه ترين

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪيه ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪيه ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران اڳواڻن فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي مذمت، غزه ۾ فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ۽ امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ اسرائيل جي ظلم جي سخت مذمت ڪندي معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي، بي دخلي ۽ خوراڪ جي بحران تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار ۽ هاڪان فيدان بنا رنڊڪ جي انساني امداد جي فوري فراهمي، جنگبندي، منصفاڻي، جٽادار ۽ امن لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز مقصد لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس مان هاڪاري نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي. ان کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران غزه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي امداد جي فوري فراهميءَ تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران هڪ اعليٰ سطحي ايراني وفد جي جلد پاڪستان جي دوري تي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ فلسطيني عوام لاءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ قدمن تي به ويچاريو ويو. اسحاق ڊار هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطين جي حمايت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيويارڪ ۾ فلسطين بابت ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس مان هاڪاري نتيجا سامهون ايندا. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ٻه رياستي حل لاءِ عالمي ڪوششن کي تيز ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي دوري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون