نائيجريا جي علائقي ميڊوگري ۾ آئل ٽينڪر ۽ گاڏي ۾ ٽڪر کانپوءِ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته آئل ٽينڪر جو ڀرسان گذرندڙ مسافرن ۽ چوپائي مال سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو.
عملدارن موجب، ٽڪر جي نتيجي ۾ آئل ٽنيڪر ڌماڪي سان ڦاٽي ويو ۽ مسافر بردار ٽڪر سميت ٻين گاڏين کي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
نائجيرين عملدارن موجب، حادثي ۾ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آئل ٽينڪر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي.
واضع رهي ته نائجيريا ۾ آئل ٽينڪر حادثا معمول آهن، صرف 2020 ۾ اهڙن حادثن سبب ساڍا پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو حياتون وڃائي چڪا آهن.