تازه ترين

سنڌ سرڪار طرفان سکر ڊويزن ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت ۽ سولر پروگرام تيز ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان سکر ڊويزن ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت ۽ سولر  پروگرام تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت ۽ سولر اسڪيم جو جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز هائوسنگ اسڪيم ۾ تمام گهڻيون شڪايتون مليون آهن، بي ضابطگين جو ازالو ڪري ملوث ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ سٽيلن جي گھرن جي تعمير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آھي، ٻوڏ سبب ٻين صوبن ۾ به تباهي آئي ۽ نقصان ٿيو ھو، پر گھرن جي تعمير بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي صرف سنڌ ۾ شروع ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ۽ ان جي ٽيم ڪم ڪري رھي آھي، پ پ چيئرمين جون سخت هدايتون آھن ته ان پروگرام کي اونرشپ ڏني وڃي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام ۾ فنڊز جو ڪو به مسئلو ناھي ، اڪائونٽس نه کلڻ سبب دير ٿي آهي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته فنڊز جي ڪابه کوٽ ناھي، سنڌ حڪومت پنھنجي حصي جا پئسا پھرين سال ئي ڏئي ڇڏيا هئا، ڊونر ايجنسين پڻ رقم منتقل ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام بابت چونڊيل نمائندن، ڊسٽرڪٽ، ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن کي آن بورڊ ورتو وڃي، ھينڊس کي ضلعي انتظاميا سپورٽ ڪري ته جيئن پروگرام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگھجي. صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ هو ته سولرائزيشن پروگرام ايندڙ مھيني شروع ڪيو ويندو، جنھن ۾ 2 لک بينفشريز جو ڊيٽا بسپ جي ذريعي گڏ ڪيو ويو آھي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ جي سھڪار سان سنڌ جي ڏھن ضلعن لاءِ پروجيڪٽ جوڙيو ويو ھو، سولر پينلز جي کيپ پھچي چڪي آھي، ھر ضلعي ۾  6 ھزار گھراڻن کي سھولت فراهم ڪئي ويندي، سولر پينل پروگرام جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي، جيئن ان ۾ ڪا بد انتظامي ۽ بي ضابطگي نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته نئين پروگرام ۾ گھر ۾  ٻه ڪمرا ۽ واش روم جي سھولت ڏني وئي آھي ان کي وڌيڪ سولر  ڏنا ويندا، سولرائزيشن پروگرام ۾ آف گرڊ علائقن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جنھن ۾ ڪچي، ريگستان ۽ ڪوھستان وارا علائقا شامل آھن. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد احمد فواد، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سيد محمد علي شاھ،  زونل ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ عبدالحفيظ ناپر سميت ھينڊز، سرسو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي عملدارن جي شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون