ناڻي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ رليف جو نئون پلان آءِ ايم ايف ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب آءِ پي پيز لاءِ رکيل اضافي رقم کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو.
بل جون قسطون وصول ٿيڻ تي پندرهن ارب رپين کان وڌيڪ رقم واپس آءِ پي پيز لاءِ رکي ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان نئين پلان تي عملدار ٻيهر ڳالهيون ڪندا، نئين پلان ۾ آءِ ايم ايف کي بجيٽ کان ٻاهر رليف نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.