تازه ترين

ناڻي واري وزارت بجلي جي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ جو پلان تيار ڪري ورتو

ناڻي واري وزارت بجلي جي 400 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت موجب بجلي جي بهلن ۾ رليف جو پلان هنگامي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ نگران حڪومت طرفان بجلي جي بلن ۾ 250 ارب  رپين جي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ناڻي واري  نگران وزير آءِ ايم ايف اختيارين سان بجلي جي بلن ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجلي جي بلن ۾ ادائگين ۾ سهولت ڏيڻ جي تجويز آءِ ايم ايف حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هر واهپيدار کي بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان بجلي جي 400 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ رليف پلان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضپو ظاهر ڪيو ته ٻن مهينن لاءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو. آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بل قسطن ۾ ناڻي واري وزارت لکت ۾ گارنٽي ڏيندي ۽ بنيادي ٽيرف ۾ ست رپيا اضافو واپس وٺي مرحليوار ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، يعني بجلي جا بنيادي يونٽ مرحليوار وڌايا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون