تازه ترين

نفيسه شاهه پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي اندر زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته خيرپور ضلعي ۾ جيڪو شرمناڪ واقعو ٿيو آهي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي هو مظلوم نياڻي جي وارثن سان گڏ آھن جلد انصاف ٿيڻ گهرجي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه خانواھڻ پھچي فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي نفيسه شاهه چيو ته خيرپور ضلعي ۾ جيڪو شرمناڪ واقعو ٿيو آهي ان تي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري صورتحال پکڙيل آهي.

سندس چوڻ هو ته پيرن جي حويليءَ ۾ نينگري سان ٿيل ظلم سڄي معاشري سان ظلم آھي، ظلم جو ڪو به مذهب، سياسي پارٽي يا ذات نه ھوندي آھي ظلم ظلم ھوندو آھي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته هو مظلوم نياڻي جي وارثن سان گڏ آھن جلد انصاف ٿيڻ گهرجي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون