تازه ترين

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مني بجيٽ آڻڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مني بجيٽ آڻڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته  ڪا به مني بجيٽ نه اچي رهي آهي، ٽيڪس اوڳاڙين جو ٽارگيٽ پورو ڪيو ويندو،  قومي مفاد جي معاملي ۾ ڪي پي هميشه سڀ کان اڳيان رهيو آهي، فسڪل پيڪٽ جي منظوري تي سنڌ جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته ڪا به مني بجيٽ نه اچي رهي آهي، 12 هزار 970 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو حدف پورو ڪيو ويندو، ٽيڪس اوڳاڙين کي انفورسمينٽ ۽ انتظامي قدمن سان بهتر ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرائمري سر پلس جو حدف ڪاميابي سان پورو ڪيو آهي، نيشنل فسڪل پيڪٽ کي ڪابينا منظور ڪيو آهي، هاڻي اين ايف سي تي نظرثاني جي ضرورت ناهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هو فسڪل پيڪٽ جي منظوري تي سنڌ جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهي، قومي مفاد جي معاملي ۾ ڪي پي هميشه سڀ کان اڳيان رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي دوري جو مقصد معيشيت جو جائزو وٺڻ ناهي پر اعتماد سازي ۾ اضافو هو، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بامقصد رهيون، آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف وفد پاڪستان جي ڳالهه غور سان ٻڌي، حڪومت جي کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جو ڪم جاري آهي، 11 کاتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، پنجن کاتن ۾ جاري آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
9 %
5.9kmh
81 %
اربع
28 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون