تازه ترين

آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي تيرهن رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

- Advertisement -
آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي تيرهن رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. سڊني ۾ کيڏيل ٽن ميچ واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ آسٽريلين ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪينگروز اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان ميٿو شارٽ 32، هارڊي 28، گلن ميڪسويل 21 ۽ جيڪ 20 رنسون ٺاهي ناميان رهيا. پاڪستان طرفان حارس رئوف 4، عباس آفريدي 3 ۽ صفيان مقيم 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. 148 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 19 ڏهائي 4 اوورن ۾ 134 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان عثمان خان 52، عرف ان خان 37  ۽ رضوان سورهن رنسون ٺاهي ناميان رهيا، باقي ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو. آسٽريليا طرفان اسپينسر جانسن 5، ايڊم زمپا 2  ۽بارٽ ليٽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پنج وڪيٽون وٺڻ تي اسپينسر جانسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
33.7 ° C
33.7 °
33.7 °
7 %
7kmh
96 %
اربع
32 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون