- Advertisement -
پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي ڪميٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي واعدن تي عمل جو جائزو ورتو ويندو ۽ معاهدي جي ٻين نقطن تي عمل لاءِ ٽائيم فريم تي به غور ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽي جي ڪميٽين جو اجلاس گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿيندو.
ن ليگ جي ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب ۽ ملڪ احمد خان شامل هوندا، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني هوندا.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي واعدن تي عمل جو جائزو ورتو ويندو ۽ پيپلزپارٽي جي خدشن بابت غور ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ معاهدي جي ٻين نقطن تي عمل لاءِ ٽائيم فريم طئي ڪيو ويندو.- Advertisement -
