تازه ترين

ننڍين صنعتن کي رليف ڏيڻ تائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو: ڪامران ٽسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ننڍين صنعتن کي رليف ڏيڻ تائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ پرڏيهي امدادي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ننڍين صنعتن کي رليف ڏئي انهن کي سهارو ڏنو وڃي پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته پاڪستان جي بجيٽ جو وڏو حصو وڏن واپارين کي ملي ويو، نتيجي ۾ ملڪ آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن کان قرض وٺي رهيو آهي پر اهو عام ماڻهن تائين رليف ڏيڻ ۾ ناڪام آهي . گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ڪيترو وقت ٻين کان چيڪ وٺندا رهندا هاڻي  کين  پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب ننڍن هارين کي نقصان پهچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو پنهنجو ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهي ٿو ته هو گورنر هائوس سان رابطو ڪري هڪ لک کان هڪ ڪروڙ تائين قرض فراهم ڪيو ويندو. گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ ۾ فوٽو سيشن جو رواج شروع ٿي چڪو آهي،  سماج ۾ غريبن کي مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته سماج کي اشرافيه مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي هتي پئسو چند هٿن ۾ آهي، ملڪي نظام  ۾ انصاف ناهي. گورنر چيو ته جن کي اڄ ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا پيا وڃن انهن کي گهرجي ته پئسو صحيح استعمال ڪن هن چيو ته پاڪستان ۾ لاها چاڙها  ڏسندي ماڻهن جا وار اڇا ٿي ويا ڪڏهن بهتر ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون