ننگرپارڪر ويجهو هڪ ئي گهر جي پنجن ڀاتين جا لاش هٿ آيا آهن.
ڳوٺ ڪويا مان شنڪر ٺڪر، سندس گهرواري پون ٻائي، 8 ورهين جي نياڻي گيتا ٻائي، پنجن ورهين جي جسوئت ۽ ٽن ورهين جي گلجي جا لاش مليا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار شنڪر ٺڪر پنهنجي گهرواري ۽ ٽن ٻارڙن کي زهر ڏئي مارڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي لاش اسپتال منتقل ڪيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.