تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڄامشورو: هٿياربندن جي حملي ۾ اي ايس آءِ عابد شاهه زخمي

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ اي ايس آءِ عابد شاهه زخمي ٿي پيو، اطلاع تي سيد برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڊيوٽي تان گهر ويندي ڏنڊا بردار جوابدارن اي ايس آءِ عابد شاهه کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمي اي ايس آءِ چيو ته ڏهه کان پندرنهن هٿياربندن گهر ڏانهن وڃڻ دوران روڪي حملو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڇاپي جي رد عمل ۾ بااثر عثمان کوسو حملو ڪرايو جنهن ۾ گاڏي کي به نقصان پهتو آهي. ٻئي پاسي پوليس زخمي اي ايس آءِ جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار جي گرفتاري تان هٿياربندن اي ايس آءِ تي حملو ڪري پوليس جي رٽ جي چيلينج ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس آفيسر تي حملو ڪرڻ کُليل دهشتگردي آهي، ايس ايس پي ڄامشورو حملي آور جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ٻي پاسي الزام هيٺ آيل سياسي اڳواڻ عثمان کوسو سان صحافين پاران رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر مسلسل بند وڃي رهيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون