- Advertisement -
ننگرپارڪر ويجهو زهريلي وِڇُون جي ڪکڻ سبب 10 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو، سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڳوٺ راڻپور واسي 10 ورهين جو نينگر گووند پٽ ويرجي ڪولهي کي زهريلو وِڇُون ڪکي ويو.
نينگر کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ننگرپارڪر منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.- Advertisement -
