- Advertisement -
کپرو ويجهو غلط صحبت ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ تان ٻن پٽن پيءُ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ نواز علي بوزدار ۾ بي رحم پٽن ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي پيءُ 50 ورهين جي احمد ولد وليداد بوزدار کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي کپرو پوليس پهچي مقتول جو مڙهه تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته احمد بوزدار کي سندس پٽل ظهور ۽ انور بوزدار قتل ڪيو آهي.
پوليس موجب نوجوان غلط صحبت ۾ اچي ويا جنهن تي والد کيس منع ڪندو هو جنهن تان مڇرجي پنهنجي پيءُ کي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.- Advertisement -
