ننگرپارڪر ۾ سياري جي مند ايندي ئي ناياب مهمان پکين جي شڪار لاءِ شڪاري پهچي ويا

spot_img
ننگرپارڪر ۾ سياري جي مند ايندي ئي ناياب مهمان پکين جي شڪار لاءِ شڪاري پهچي ويا، ناياب پکين جي نسل ڪشي ٿيڻ لڳي، لاڳاپيل کاتن ڪوبه تحرڪ نه ورتو. راڻپور ڊيم، رڻ ڪنڌي وارن علائقن گڍڙو، ڇڇي ۽ ٻين علائقن ۽ ڊيمن تي پهتل پرڏيهي ناياب پکين تلور، آڙي، اٺ پکي ۽ ٻين پکين جي شڪار لاءِ شڪاري پهچي ويا. علائقي واسين جو چوڻ هو ته شڪاري رڻ ڪنڌي وارن علائقن ۾ پهچي پرڏيهي ناياب مهمان پکين جي نسل ڪشي ڪرڻ لڳا، لاڳاپيل کاتن طرفان ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته شڪاري سرعام مهمان پکين جو غيرقانوني شڪار ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته جهنگلي جيوت کاتو ۽ لاڳاپيل اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ناياب نسل جي پکين جو شڪار بند ڪرائين ۽ شڪارين خلاف سخت قدم کنيا وڃن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون