- Advertisement -
نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ تي چڙهائي دوران پوليس تي مبينا حملي ۾ ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو جنهن کي نوابشاهه اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي.
تعلقي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ الله رکيو ڪانهيو تي چڙهائي ڪئي، جوابدارن جي مبينا حملي ۾ ايس ايڇ او غلام شبير عمراڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي ايس ايڇ او غلام شبير عمراڻي جو چوڻ آهي ته ته ڳوٺ ۾ ريڊ ڪيو ته جوابدارن حملو ڪري ڇڏيو، هو حملي آورن کي سڃاڻي ٿو.
هوڏانهن آخري اطلاعن تائين پوليس تي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي.- Advertisement -
