- Advertisement -
باڪسنگ ليجنڊ عامر خان ۽ مارشل آرٽس چئمپين شاهه زيب رند آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ۽ مارشل آرٽس چئمپين شاهه زيب رند جي ايڇ ڪيو جي دوري دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف راندين جي ميدان ۾ شاندار ڪاميابين تي ٻنهي نوجوانن جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪستان جي نوجوانن تي سندن شاندار صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.- Advertisement -
