نوابشاهه ۾ ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، وارثن طرفان ناري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.
بلوچ پاڙي مان مبينا طور تي ناري ساجده بلوچ اغوا ٿي وئي آهي.
ناريءَ جي وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي.
مبينا طور اغوا ٿي ويل ناريءَ جي والده الزام هڻندي چيو ته سندس نياڻي کي پ پ اڳواڻ عزره بلوچ جو ڀائٽيو اغوا ڪري ويو آهي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.