نواب ولي محمد ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 50 ورهين جي عورت دٻجي فوت ٿي وئي.
ڳوٺ پنجون ٻگهيو ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب صابي زال احمد ٻگهيو دٻجي زخمي ٿي پئي.
وارثن عورت کي زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال پهچايو جتي هن دم ڏنو، جڏهن ته سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن ٻڌايو ته گهر جي ڀت ڪرڻ سبب صاڀي دٻجي وئي، فوري طور کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو جتي هن دم ڏنو.