نواب ولي محمد جي يونين ڪائونسل احمد ٻگھيو جي چيئرمين پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي سهڪار سان چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين جي علاج لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جتي ڊاڪٽرن چوپائي مال، ڪُڪڙين کي ويڪسين ڪري مختلف بيمارين جون گهر گهر وڃي دوائون ڏنيون.
يونين ڪائونسل احمد ٻگھيو جي چيئرمين خميسو خان ڀنڊ پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي سهڪار سان يوسي آفيس وٽ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين جي علاج لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.
چيئرمين خميسو خان ڀنڊ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر اعجاز علي لغاري، ڊاڪٽر سميران، ڊاڪٽر صائما ڪيريو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ رند، عدنان علي مهر ۽ ٻين شھر ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي چوپائي مال ۽ ڪُڪڙين کي ويڪسين ڪري مختلف بيمارين جون گهر گهر وڃي دوائون پڻ ڏنيون.