تازه ترين

نوازشريف چوٿون ڀيرو  به وزيراعظم بڻجندو: خواجه آصف

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ ۽ بچاءَ واري اڳوڻي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نوازشريف چوٿون ڀيرو  به وزيراعظم بڻجندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي ڏيهه واپس ايندو ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو، ان سان ئي سمورا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته نوازشريف يارهن رپيا في يونٽ بجلي ڇڏي ويو هو، کيس پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو، ملڪي تاريخ ۾ اڳوڻي وزيراعظم کان اپيل جو حق به کسيو ويو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن وڃڻ جي ايجنڊا بابت خبر ناهي، نوازشريف هڪ ٻن ملڪن کان ٿيندو پاڪستان اچي رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته هنن ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، سمگلنگ روڪڻ سان ڊالر جو ملهه ڪريو آهي، پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
13 %
1.2kmh
46 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون