- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ڇا ڪندو؟ 40 سال اقتدار ۾ رهي ن ليگ جي پنجاب ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙي هڪ اسپتال به ناهي ٺاهي سگهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرادريءَ چيو ته ٿر پاڪستان کي تبديل ڪندو، اڄ ٿر ملڪ کي روشن ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڪراچيءَ جون حالتون خراب ڪري رهيا هئا، اهي نوازشريف جا اتحاد هئا.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي هر شهر ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙو ادارو قائم ڪندو.
پ پ اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سياست انتقام نه پر عوام جي خدمت آهي- Advertisement -
