تازه ترين

نواز الدين صديقي ۽ سندس گهرواري عاليه پٽ ياني ۽ ڌيءُ شورا جي خاطر ٺاهه ڪري ڇڏيو

باليووڊ جي ناليواري اداڪار نواز الدين صديقي ۽ سندس گهرواري عاليه پٽ ياني ۽ ڌيءُ شورا جي خاطر ٺاهه ڪري ڇڏيو .

نواز الدين صديقي ۽ عاليه جي شادي جي 14هين سالگرهه تي عاليه صديقي جي ڌيءُ، پٽ ۽ مڙس سان گڏ شيئر ڪيل تصوير بعد جوڙي وچ ۾ ٺاهه جي حوالي سان خبرون هلي رهيون هيون.

دبئي ۾ ٻارڙن سان گڏ رهندڙ عاليه صديقي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هن ٻارڙن جي خاطر نواز الدين صديقي سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

عاليه صديقي چيو ته ٿوري عرصي دوران زندگي ۾ گهڻيون شيون تبديل ٿيون آهن، هن محسوس ڪيو ته جڏهن هو دنيا سان گڏ خراب شيون شيئر ڪن ٿا ته سٺيون شيون به شيئر ڪرڻ گهرجن، نواز به دبئي ۾ هو، ان ڪري گڏجي ٻارڙن سان شادي جي سالگرهه ملهائي.

واضح رهي ته جوڙي ٻيو ڀيرو ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ بعد ٺاهه جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي مئي 2020 ۾ ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

عاليه صديقي نواز الدين صديقي جي ڀاءُ شمس تي تشدد جو الزام هنيو هو، هڪ سال بعد عاليه طلاق جو نوٽيس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪندي نواز الدين صديقي سان ٺاهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو …..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون