تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سي پي ايل سي کان ٽيڪنيڪل مدد حاصل ڪئي ويندي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سي پي ايل سي کان ٽيڪنيڪل مدد وٺڻ جو فيصلو ڪندي ڪچي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي خاص الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سي پي ايل سي کان ٽيڪنيڪل مدد حاصل ڪئي ويندي، ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي 10 هزار رپيه خاص الائونس ڏنو ويندو،  شهرين کي لالچ ڏئي ۽ هرکائي اغوا ڪرڻ پوليس لاءِ چئلينج آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ يقيني ڪاميابيءَ لاءِ حڪمت عملي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف منظم ڪاررواين ۽ مغوين جي حفاظت سان بازيابي لاءِ سي پي ايل سي ٽيڪنيڪل سپورٽ کي به ممڪن بڻايو ويندو.

هن چيو ته ڪچي ۾ مقرر اهلڪارن کي 10 هزار ماهوار الائونس جي فراهمي لاءِ سمورا قدم کنيا ويا آهن، پر اهو الائونس ڪنهن گارڊ يا گن مين توڙي ٻئي اسٽاف کي هرگز نه ڏنو ويندو.

آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ موجود ڪچي وارن علائقن مان شهرين کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ وارا واقعا پوليس لاءِ وڏو چئلينج آهن، ان تي ضابطو آڻڻو پوندو.

غلام نبي ميمڻ چيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪچي ۾ پوليس چيڪ پوسٽون وڌيڪ فعال ۽ اثرائيتون بڻايون وڃن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
32 %
2.8kmh
64 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون