تازه ترين

نواز شريف سان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات

مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف سان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ ملاقات ڪئي آهي.

ايون فيلڊ ۾ ٻنهي ڀائرن جي ملاقات تقريبن اڍائي ڪلاڪ جاري رهي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن سميت ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ملاقات دوران نواز شريف جي امڪاني وطن واپسي بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اڍائي ڪلاڪن تائين هلندڙ ملاقات ۾ سلمان شهباز ۽ حسن نواز به موجود هئا.

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر عارف علوي جيڪو بيان ڏنو آهي ان جي جاچ ٿيڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته صدر جنهن بل کي چيڪ ڪندو آهي ان تي صحيح به ڪندو آهي، صدر واري معاملي ۾ زباني ڳالهه ٻولهه ناهي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي معاملو سولو نه آهي، صدر عارف علوي کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون