ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف اقتدار کان وڌيڪ ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن، ملڪ جا سٺا ڏينهن واپس اچن پيا، نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي تقدير تبديل ڪندو،.
لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيوته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي واپس اچي رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم سان اهڙو ظلم ٿيو ته جو کيس چئن سالن بعد اقتدار مان ڪڍيو ويو.
هن چيو ته 2017 ۾ نواز شريف کان اقتدار نه کسيو وڃي ها ته اڄ ملڪ جون حالتون اهڙيون نه هجن ها، اقاما جهڙي مذاق تي نواز شريف کي نه ڪڍيو وڃي ها ته بجلي سستي هجي ها.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو طبقو ناهي جنهن جي گهر ۾ ڏکيائيون نه هجن، اقتدار مان نواز شريف کي نه پر عوام جي خوشحالي کي ڪڍيو ويو.
ن ليگ جي نائب صدر چيو ته قوم انڪري نواز شريف جا رستا ڏسي پئي ته هو ملڪ کي ٺيڪ ڪري ڏيکاريندو آهي، ن ليگ قائد هن ڌرتي جو پٽ آهي، کيس فارن فنڊنگ ذريعي نه آندو ويو.
مريم نواز چيو ته نواز شريف جي دور ۾ کنڊ 50 رپيا ڪلو ۽ اٽو 35 رپيا ڪلو هو، هن ڊالر کي به 99 کان 105 رپين تائين محدود رکيو.