پاڪستان مسلم ليگ نون جون سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف وطن واپس اچڻ لاءِ لنڊن کان سعودي عرب پهچي ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ساٿين ناصر جنجوعه ۽ ٻين گڏ سعودي ايئرلائين جي اڏام ايس وي 115 ذريعي جـِده جو سفر ڪيو.
جده ايئرپورٽ تي خاص شاهي پروٽوڪول ۾ نواز شريف جو استقبال ڪيو ويو، ن ليگ جي قائد جو پٽ حسين نواز به استقبال ڪرڻ وارن ۾ شامل هو.
اڏام لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تان روانو ٿيو سعودي جهاز 4 هزار 750 ڪلوميٽرن جو سفر 5 ڪلاڪ 27 منٽن ۾ طئي ڪري مقامي وقت موجب رات ٻارهين وڳي جده انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتي.