تازه ترين

نواز شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو: شهباز شريف

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو،  آزاد اميدوارن جي حڪومت ٺاهڻ تي اعتراض ناهي، ڀلي شوق پورو ڪن،  جيڪڏهن آزاد ميمبر اڪثريت ڏيکارين ته هو مخالف ڌر ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن آزاد ميمبرن اڪثريت نه ڏيکاري ته ٻين سياسي پارٽين کي حڪومت ٺاهڻ جو حق آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته  آزاد ميمبر حڪومت ٺاهي سگهن ٿا ته  وڏي شوق سان ٺاهين،  پي ٽي آءِ اسپانسر آزاد ميمبر ايوان ۾ اڪثريت ڏيکارين ته هو مخالف ڌر ۾ ويهندا. هن چيو ته اڃا پنهنجي ڳالهه تي قائم آهي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو،  پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀ ڪوششون ڪندا، سڀني کي انا پاسي تي رکي متحد ٿيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته 8 فيبروري تي چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي،  سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ خدشا ختم ڪري اليڪشن ڪرائي وئي آهي. شهباز شريف چيو ته عام چونڊن واري ڏينهن سڪيورٽي ادارن جيڪو ڪردار ادا ڪيو سڀني سامهون آهي، اليڪشن ڪميشن تي بي بنياد الزام هنيا ويا،  2013ع جي چونڊن ۾ 35 پنڪچر جو الزام ڪنهن هنيو؟ هن چيو ته پارليامينٽ تي حملا ڪرڻ جون ڀڙڪون هنيون ويون، قبرون کوٽڻ جو ڊرامو ڪيو ويو، جيڪو سڀني جي سامهون آهي، 35 پنڪچرن جو به حساب ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي نه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته 2018ع جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس ويهاريو ويو ۽ 66 ڪلاڪن کانپوءِ نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا. شهباز شريف چيو ته ڪهڙي اليڪشن آهي جنهن ۾ ڌانڌليءَ جا الزام نه لڳا آهن،  چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جا ٿورائتا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ وڌيڪ اڪثريت رکندڙ  وزيراعظم جي اميدوار جو اعلان ڪري سگهي ٿو جيڪي پاڻ کي پي ٽي آءِ جا اسپانسر قرار ڏين ٿا شوق سان حڪومت ٺاهين، آزاد اميدوار حڪومت نه ٺاهي سگهيا ته ٻيون پارٽيون  مشوري سان فيصلو ڪنديون، ٻيو ڪو به آپشن ناهي. سندس چوڻ هو ته کين برداشت ۽ حوصلي  مان ڪم وٺڻو پوندو،  پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اندروني وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا. شهباز شريف چيو ته هو نواز شريف جي قيادت ۾ قوم کي متحد ڪندا، کيس اقتدار نه گهرجي، پاڪستان کي خوشحال ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون