تازه ترين

اخلاقي طور نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار نه بڻجڻ گهرجي: خورشيد شاهه

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اخلاقي طور نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار نه بڻجڻ گهرجي، لاهور مان نواز شريف جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڪيترائي سواليا نشان آهن، اهو تاثر عام آهي ته نواز شريف کي ڪامياب ڪرايو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف يا اياز صادق به متبادل اميدوار ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته  پي ٽي آءِ جي سپورٽ سان چونڊجي آيل آزاد اميدوار کي جلد ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي حمايتي ايم اين ايز کي نه ٽوڙيو وڃي، ڪنهن جي به مينڊيٽ کي چوري نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ن ليگ کي انگن اکرن جي پويان ڀڄڻ بدران پنهنجي بيانئي ووٽ کي عزت ڏيو کي مان ڏيڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم جي عهدي جي مدي کي پاڻ ۾ ورهائڻ جمهوريت جي روح جي خلاف آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ رياست جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته عوام جي مينڊيٽ سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي. خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن جي مينڊيٽ سان کيڏڻ عوام جي مينڊيٽ سان کيڏڻ جي برابر آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فرض آهي ته هو اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪري ته فارم 45 موجب 15 ڏينهن اندر فيصلو ڪري. خورشيد شاهه چيو ته پ پ پنهنجا فيصلا نه مڙهيندي، رياست جي مفاط کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌندي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون