نوري آباد ڀرسان مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
موٽر وي تي ٿاڻو بولا خان چوڪ وٽ ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مزدا ٽرالر سان پويان ٽڪرائجي ويئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا 24 ورھين جو ارباز پٽ سيد حسين علي ۽ 23 ورھين جو معشوق علي فوت ٿي ويا جڏهن ته مهتاب نالي نوجوان زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخميءَ کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جا مڙهه پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.