نوشهرو فيروز ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ اينٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ لاءِ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شاگردن سعد الله ڏاهري، ميرل ڏنگراج، حسين عباسي، مسرور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 10 سيپٽمبر تي رٿيل ميڊيڪل اينٽري ٽيسٽ کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ سبب سندن محنت ضايع ٿي وئي آهي.
شاگردن چيو ته بااثرن ڳري رشوت عيوض پيپر آئوٽ ڪرائي بنا محنت جي اينٽري ٽيسٽ پاس ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ اينٽري ٽِيسٽ ٻيهر ورتي وڃِي.


