تازه ترين

نوشهري فيروز جي عدالت نينگري فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري

نوشهري فيروز جي عدالت نينگري فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور روحل کوسي، اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ثبوتن جي بنياد تي حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائي ويندي، فاطما ڦرڙو جي واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سڀاڻي يا سومر ڏهاڙي نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ شيون واضح ٿي وينديون ته نينگريءَ سان ڇا ٿيو آهي؟.

نوشهروفيروز جي عدالت راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيل فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.

سيشن جج، ايس ايڇ او راڻيپور جي درخواست تي نينگري جي قبرڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪيو.

سيشن جج، نينگري جي قبر ڪشائي لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ کي ليٽر جاري ڪندي کيس قبر ڪشائي لاءِ نگران مقرر ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊياري جي نگراني ۾ ڪنهن به وقت قبر ڪشائي ڪئي ويندي.

ڊي جي هيلٿ نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو.

ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ سول جج جي حڪم تي جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ ۾ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ پي ايم سي نوابشاهه، فارنزڪ ماهر پي ايم سي نوابشاهه، پروفيسر آف پيٿالاجي ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊي ايڇ او نوشهروفيروز شامل آهن.

ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ چيو ته ميڊيڪل بورڊ سول جج ڪنڊياري جي نگرانيءَ ۾ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ فاطمه ڦرڙو جي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون