تازه ترين

نوشھروفيروز ۾ سخت گرمي سبب نينگري فوت ٿي وئي

نوشھروفيروز ۾ سخت گرمي سبب نينگري فوت ٿي وئي آھي جڏھن تھ عرب ڪالوني جي رھواسين پاران بجلي بند ۽ ٽرانسفارمر تبديل نھ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

عرب ڪالوني واسي عبدالرزاق، اسماعيل انصاري، ظھير موروجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ عرب ڪالوني ۾ بجلي بند ۽ گرمي ھئڻ سبب 12 ورھين جي زينت فوت ٿي وئي آھي جڏھن تھ ڪيترائي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آھن.

ھنن چيو تھ ھڪ مھيني کان ٽرانسفارمر خراب ۽ بجلي بند آھي جنھن سبب نينگري فوت ٿي وئي آھي جنھن جا قاتل سيپڪو وارا آھن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪري سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون