تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي: چيف جستس

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ جي چيف جستس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، انڪوائري جي سطح تي گرفتاري نيب جي گرفت  سياستدانن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي، نيب ترميمن ۾ ڪيترائي ڏوهه يا ته ختم يا تبديل ڪيا ويا آهن، نيب ترميمن سان ڪجهه ڏوهن کي ثابت ڪرڻ تمام ڏکيو  بڻايو ويو آهي، عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته ڪو به ڏوهه ختم ناهي ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته سندس بابت هڪ خبر ۾ چيو ويو ته هن پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ خاميون تسليم ڪيون.

ان تي چيف جسٽس چيو ته اهو ته عدالتي حڪم جو حصو آهي، اٽارني جنرل چيو ته عدالت آڏو لاڳاپيل حڪم هو پڙهڻ چاهي ٿو.

اٽارني جنرل چيو ته هن چيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ۽ نظرثاني ايڪٽ اووليپ ڪن ٿا، سندس آڏو اخبار آهي، جنهن ۾ ساڻس منسوب ڪيل ڳالهه ڇپي آهي.

چيف جسٽس چيو ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انگريزي اخبار ۾ خبر رپورٽر جي نالي سان شايع ڇو نٿي ٿئي، ڪجهه ترميمون ذهانت سان ڪيون ويون.

هن چيو ته اٽارني جنرل صاحب اوهان ته تسليم ڪيو ته قانون هڪجهڙائي نٿا رکن، جيڪا قانون سازي ڪئي وئي، ان ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو.

اٽارني جنرل چيو ته پارليامينٽ رِويو ايڪٽ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي منتظر هئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب ترميمن سان منتقل ٿين ڪيسن جي لسٽ طلب ڪري ورتي.

سندس چوڻ هو ته نيب ترميمن ۾ ڪيترائي ڏوهه يا ته ختم يا تبديل ڪيا ويا آهن، نيب ترميمن سان ڪجهه ڏوهن کي ثابت ڪرڻ تمام ڏکيو  بڻايو ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته نيب قانون ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن پر طئه نه ٿو ڪري سگهجي ته 50 ڪروڙ جي حد غلط يا درست آهي؟  عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته ڪو به ڏوهه ختم ناهي ڪيو ويو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نيب 50 ڪروڙ کان گهٽ ڪرپشن جا ڪيس واپس وٺي ڇڏيا آهن، ڪهڙي قانون تحت اهو فرق ٺاهيو ويو آهي؟

وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پاڪستان ۾ احتساب جي نظام جي محافظ نيب آهي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته احتساب جي قانونن ۾ سڀ کان سخت قانون نيب جو آهي، نيب جي دائري کان نڪرندڙ ڪنهن ٻئي قانون تحت احتساب جي عمل ۾ شامل ٿيندا.

هن چيو ته ڇا 50 ڪروڙ جي حد ان لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي ته وڏين مڇين کي پڪڙيو وڃي؟ ڇا 50 ڪروڙ کان گهٽ جي ڪرپشن ڪندڙن کي عزت ڏني پئي وڃي؟

چيف جسٽس چيو ته نيب ٽرائل جي رفتار سست هوندي آهي، نيب ترميمون 2022ع ۾  انڪوائري وقت جوابدار جي گرفتاريءَ کي ڪڍيو ويو، جولاءِ 2023ع ۾ نيب قانون ۾ ٻيهر انڪوائري سطح تي گرفتاري شامل ڪئي وئي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته نيب ڪيسن ۾ انڪوائري جي سطح تي گرفتاري کي ڪڍي ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي، انڪوائري سطح تي گرفتاري نيب جي گرفت ۽ سياستدانن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته نيب قانون تحت سياسي انتقام جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نيب ترميمون ايڏو وڏو مسئلو هجي ها ته ڪو شهري  چئلينج ڪري هيا، ڪنهن مالياتي اداري ترميمون چئلينج نه ڪيون، پارليامينٽ جي هڪ ڀڳوڙي سياستدان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو.

هن چيو ته نيب ترميمون ڪهڙن بنيادي حقن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، اڄ تائين سامهون ناهي آيو، عجيب ڳالهه آهي هو ڪيس کي ايڏي عرصي کان ڇو ٻڌي رهيا آهن؟

چيف جسٽس چيوته کين ان معاملي کي به ڏسڻو آهي ته ڪرپشن جي ڏوهه کي رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ناهي ڪيو ويو.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇو نه هو نيب ترميمن وارو معاملو ايندڙ پارليامينٽ تي ڇڏي ڏين.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
38 %
1.5kmh
92 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون