تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور جي عدالت حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ  قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صحافين ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ جوابدار اڪبر ڪلهوڙو جيل حوالي ڪيو ويو ۽ پير اسد علي شاهه جي ڊرائيور تي ڏوهه ۾ مدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

راڻيپور جي عدالت ۾ حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ  قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.

ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايڇ او بچل قاضي عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته هي ڪيس هاءِ پروفائل ٿي چڪو آهي هن ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي.

پوليس ڪيس ۾ امتياز ميراثي کي به نامزد ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوابدارن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو.

پوليس امتياز ميراثي کي به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

راڻيپور پوليس صحافين ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ جوابدار اڪبر ڪلهوڙي کي ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت جوابدار اڪبر ڪلهوڙو جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

راڻيپور پوليس گرفتار جوابدار اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز قاضي تي مدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

ايس ايڇ او بچل قاضي جي فرياد تي جوابدار اعجاز قاضي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪيس جي متن موجب، پوليس گشت ڪري رهي هئي ته جوابدار اعجاز قاضي ابل واهه تي پوليس کي ڏسي گهٻرائجي ويو، پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه کي گاڏي ۾ کڻي اڻڄاتل هنڌ ڇڏي آيو آهي.

ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اعجاز قاضي فاطما ڪيس ۾ جوابدارن جي مدد ڪرڻ تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون