جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نينگري فاطمه وحشني پڻي جي ور چڙهي وئي، کيس انصاف ڏياريو ويندو، قصور ۾ نينگري زينب سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي جيئن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ائين ئي فاطمه جي قاتلن کي به انجام تائين پهچايو وڃي.
جماعت طرفان راڻي پور ۾ معصوم نينگري فاطمه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته فاطمه سان پيش آيل واقعو ڪنهن بااثر سان ٿئي ها ته سڀ پهچي وڃن ها پر غريب لاءِ ڪو به تيار ناهي.
هن چيو ته چيف جسٽس، نگران وزيراعظم ۽ گورنر کي فاطمه جو خون نظر ڇو نه ٿو اچي؟ کيس راڻي اچڻ کان روڪيو ويو، پر هن چيو ته نينگري فاطمه هلي کيس به ڪا پرواهه ناهي.
سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي معصوم نينگري فاطمه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.
ان کان اڳ سراج الحق خانواهڻ پهچي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نينگريءَ جو نالو ٻڌي سندس اکين مان لڙڪ لڙي ويا، والدين سٺو ۽ مقدس گهراڻو سمجهي پنهنجي نينگري موڪلي پر اتي ساڻس ظلم ٿيو.
هن چيو ته قصور ۾ نينگري زينب سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي جيئن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ائين ئي فاطمه جي قاتلن کي به انجام تائين پهچايو وڃي.
سراج الحق چيو ته ملڪ جون حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن جو معصوم ٻارڙا به محفوظ ناهن، هو معصوم نينگريءَ جي وارثن سان گڏ آهن، کيس انصاف ڏياري رهندا