تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نينگري فاطمه وحشني پڻي جي ور چڙهي وئي، کيس انصاف ڏياريو ويندو: امير سراج الحق

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته  نينگري فاطمه وحشني پڻي جي ور چڙهي وئي، کيس انصاف ڏياريو ويندو، قصور ۾ نينگري زينب سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي جيئن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ائين ئي فاطمه جي قاتلن کي به انجام تائين پهچايو وڃي.

جماعت طرفان راڻي پور ۾ معصوم نينگري فاطمه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته فاطمه سان پيش آيل واقعو ڪنهن بااثر سان ٿئي ها ته سڀ پهچي وڃن ها پر غريب لاءِ ڪو به تيار ناهي.

هن چيو ته چيف جسٽس، نگران وزيراعظم ۽ گورنر کي فاطمه جو خون نظر ڇو نه ٿو اچي؟ کيس راڻي اچڻ کان روڪيو ويو، پر هن چيو ته نينگري فاطمه هلي کيس به ڪا پرواهه ناهي.

سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي معصوم نينگري فاطمه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.

ان کان اڳ سراج الحق خانواهڻ پهچي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نينگريءَ جو نالو ٻڌي سندس اکين مان لڙڪ لڙي ويا، والدين سٺو ۽ مقدس گهراڻو سمجهي پنهنجي نينگري موڪلي پر اتي ساڻس ظلم ٿيو.

هن چيو ته قصور ۾ نينگري زينب سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي جيئن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ائين ئي فاطمه جي قاتلن کي به انجام تائين پهچايو وڃي.

سراج الحق چيو ته ملڪ جون حالتون ايتريون خراب  ٿي ويون آهن جو معصوم ٻارڙا به محفوظ ناهن، هو معصوم نينگريءَ جي وارثن سان گڏ آهن، کيس انصاف ڏياري رهندا

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
24 %
4.5kmh
98 %
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون