تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

راڻيپور ۾ يونائيٽيڊ لائيرز فورم جي وڪيلن پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري آصف ڄامڙو، نظير تنيو، اشفاق سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٺري ميرواهه ۾ هيومن رائيٽس فورم پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ايڊووڪيٽ غلام محمد جوڳي، غلام شبير خاصخيلي، رزاق ٻانڀڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

کهڙا ۾ سول سوسائٽي طرفان فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ سبزي مارڪيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ڄام صاحب ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف، صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ مهانگائي خلاف نثار ڪيريو، باغي رفيق ملاح ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي.

هالاڻي ۾ نوشهرو فيروز صحافي اتحاد پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جاني شاهه، اقبال گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنڊياري ۾ عوامي دوست سٿ ۽ جسقم سميت سياسي سماجي تنظيمن توڙي شهرين پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ مولانا رمضان خاصخيلي، مشتاق سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

وارهه ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ڪامريڊ سرتاج، اصغر ميراسي، غفار ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته صحافي جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو واقعن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، پيراڻي حويلي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جو تڙپي تڙپي دم ڏيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.

سندن چوڻ هو ته نينگري جي خون تي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، سينئر صحافي جان محمد مهر جي مک جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار، نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون