پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر نيوزيلينڊ جي دوري کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويا آهن.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر نيوزيلينڊ کان دبئي رستي لاهور پهتا.
ڏيهه پهتل رانديگرن ۾ سلمان علي آغا، فهيم اشرف، امام الحق ۽ ٻيا شامل آهن.
قومي ٽيم جو ڪوچ عاقب جاويد، محمد يوسف ۽ اظهر محمود به نيوزيلينڊ کان وطن واپس پهچي ويا.
نيوزيلينڊ پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان هڪ جي ڀيٽ ۾ 4 تان شڪست ڏني هئي.
نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو.